اخلاق النبي

اخلاق النبي (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهيءَ جو لکيل آهي. جنهن ۾ رسول پاڪ جي سيرت ۽ ڪردار تي روشني وڌل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 119 صفحا آهن ۽ قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي، ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان، سال 1953ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو، مدينه پريس حيدرآباد مان سال 1964ع ۾ شايع ٿيو. ساڳئي نالي سان هڪ ڪتاب مولوي صاحبداد ويٺل سلطان ڪوٽ جو لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب ۾ صفحا 24 آهن ۽ قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب الحنيف پريس، جيڪب آباد مان سال 1936ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو